خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي

خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي: هيءُ هڪ نيڪ سيرت بزرگ، عالم، مدرس ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو والد نصرالله سانوڻي به خود صاحب علم شخص هو، سندس سمورو خاندان پير پاڳاري جو مريد هو، جنهنڪري مٿن خليفي جو لقب پيل هو. هن جي شادي سنڌ جي مشهور صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد گل هالائيءَ جي ڌيءَ سان ٿي. بهترين شاعر هو. فارسيءَ ڪلام سميت سنڌيءَ ۾ ڪيتريون مداحون، مناجاتون، مولود ۽ ڪافيون چيائين. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ هالا پراڻي جي بازار ۾ قائم مسجد ۾ پڙهائڻ لڳو. هن بزرگ تيرهين صدي هجريءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو